سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ

سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ

سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ

سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ: هي نوجوان محقق مختيار احمد ملاح جو تحقيقي ڪتاب، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب کي يارهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي. باب پهريون: ڊرامو: ڊرامو ۽ ٿيٽر، ڊرامو ۽ تماشائي، ڊراما نگار جون خوبيون، ذميواريون، ڊرامي جا خاص جزا، باب ٻيو: ڊرامي جي شروعات: يوناني ڊراما، يوناني سنسڪرت انگريزي ڊراما، باب ٽيو: ڊرامي جا قسم: الميا ڊرامو، ٽريجڊي ڊرامو، تربيه ڊرامو، مزاحيه ڊرامو، الميي ۽ مزاحيي ڊرامي ۾ فرق، ميلو ڊراما، سنگيت ڊراما، ايڪانيڪي (One act play) ۽ ايبسٽرڪٽ ڊراما، باب چوٿون: سنڌي ڊرامي جو قديم دؤر، پسمنظر، سانگ، ڀڳت، رام ليلا ۽ ڪرشن ليلا ۽ مناظرا، باب پنجون: سنڌ ۾ جديد ڊرامي نويسيءَ جي اوسر، انگريز دؤر ۾ سنڌي ڊرامو، ڊرامي جو سماجي ڪارج، ڊرامي جون خوبيون، ڊرامئٽڪ سوسائٽين جو سنڌي ڊرامي جي ترقيءَ ۾ حصو، سنڌي اسٽيج ڊرامي تي انگريزي ڊرامي جو اثر، وليم شيڪسپيئر ۽ سنڌي ڊراما، انگريزن جي دؤر ۾ سنڌي ريڊيو ڊراما ۽ سنڌي فلم، باب ڇهون: انگريز دؤر جا مشهور سنڌي ڊراما نگار، جن ۾ مرزا قليچ بيگ، ڪوڙي مل چندن مل، آغا غلام نبي صوفي، ڀيرو مل مهرچند، لالچند امر ڏنيمل، ڄيٺمل، ڪشنچند بيوس، خانچند درياڻي، ڪشنچند عزيز، عثمان علي انصاري، رام پنجواڻي، منگهارام ملڪاڻي ۽ ٻين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، باب ستون: آزاديءَ کانپوءِ سنڌي ڊراما، هن باب ۾ رسالن ۽ ڪتابن ۾شايع ٿيل ڊرامن، اسٽيج ڊرامن، ريڊيو ۽ ٽي. وي ڊرامن جو تفصيل ڏنو ويو آهي. باب اٺون: آزاديءَ کانپوءِ جا مشهور ڊراما نگار، هن باب ۾ لطف الله بدوي، عثمان ڏيپلائي، اسماعيل عرساڻي، منظور نقوي، شمشير الحيدري، سراج، آغا سليم، امـر جلـيـل، قـمـر شهباز، ممتاز مـرزا، عـلـي بابا، عـبـدالڪريـم بلوچ، امداد حسيني، ماهتاب محبوب، قاضي خادم، عبدالقادر جوڻيجي، نـورالهـديٰ شاهه، شـوڪـت شوري، بـادل سـنڌي، اياز عالم ابڙي کان وٺي زيب سنڌيءَ ۽ ٻين جو ذڪر ڪيو ويو آهي. نائين باب ۾ آزاديءَ کان پوءِ سنڌي فلم، ڏهين باب ۾ آزاديءَ کانپوءِ هندستان ۾ سنڌي ڊراما، يارهين باب ۾ هندستان ۾ سنڌي ڊراما نگارن جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي.
ڊيمي سائيز جي 360 صفحن تي مشتمل پڪي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت 450 روپيا آهي.


لفظ سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو